ڳاڙهي موري ۾ اغوا ٿيل هندو ناري نه موٽي

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) ڳاڙهي موري ۾ مبينا اغوا ڄاڻايل هندو ناري واپس نه ٿي، هندو برادري ۾ تاءُ، پوليس سازباز جي الزام ۾ 3 ڄڻن کي  گرفتار ڪري ورتو. ناري ۽ نوجوان جي وڊيو وائرل. رپورٽ موجب ڳاڙهي موري ۾ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري پرشا ڪمار واپس نه ٿي سگھي آهي، جنهنڪري هندو برادري ۾ تاءُ پکڙيل آهي. ٻئي طرف پريالوءِ پوليس ناري پرشا ڪمار ۽ نوجوان مزمل شاهه سان رابطن ۽ سازباز جي الزام هيٺ 3 ڄڻن وسيم ابڙو، اسدالله مهر ۽ حاجي مهر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف ناري پرشا ڪمار ۽ نوجوان مزمل شاهه جي  وڊيو  بيان  جاري ڪيو ، جنهن ۾ ناري پرشا ڪمار چئي رهي آهي ته مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي، پنهنجي رضا خوشي سان نوجوان مزمل شاهه سان شادي ڪئي آهي. ٻئي طرف هندو برادري جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پرشا ڪماري معصوم آهي، جنهن جي ڪل عمر 13 ورهيه ۽ 10ڪلاس جي شاگردياڻي آهي، نياڻين کي ورغلائي مذهبي رنگ ڏنا پيا وڃن، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. هنن چيو ته ايس ايس پي خيرپور پاران ڇوڪري واپس ڪرائڻ جي يقين ڌياني تي انتظار ڪري رهيا آهيون، ٻئي طرف ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.