برسات سٽيل علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وسڪارو، اهنج وڌي ويا

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي برسات سٽيل علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مينهن پوڻ سبب برسات متاثر سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا  آهن، ڪالهه ٻنپهرن ڌاري مٺي،اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو، نئون ڪوٽ، جهڏو، درياهه خان مري ۽ ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪو وسڪارو ٿيو، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ زوردار وسڪاري سان گرمي جو زور ٽٽي پيو، جڏهن ته لاڙ ۽ ٿر وارن علائقن  ۾برسات ٿيڻ سان اڳ ۾ ئي برساتن ۽ سم نالن جي گهارن سبب بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، هوڏانهن برسات دوران نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي ڀرسان وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ 50 ورهين جو شخص سڙي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.