موهن جو دڙو ڀرسان درياهه ۾ چاڙهه

ڏوڪري (رپورٽ:قاضي آفتاب )  موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب پاڻي جو بندن تي دٻاء برقرار آهي ٻلهڙيجي، حسن واهڻ، نور  شاه ۽ هڪڙا بچاء بندن جي حالت ڪمزور آهي انتظاميا بند مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن آبادگارن ۽ هارين پاران فصل بچائڻ جا جتن جاري آهن مٽي وجهرائي بند ٺاهڻ ۾ جنبجي ويا آهن جڏهن ته بندن جي مرمت نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج ڪيو آهي ان ڏس ۾  سنڌو درياء ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ٿيڻ سبب  ٻلهڙيجي، هڪڙا، حسن واهڻ ۽ درگاه نور شاه  بچاء بندن تي پاڻي ڪپرن کان اٿلڻ لڳو آهي. ٻلهڙيجي پتڻ وٽان ڳوٺاڻن درياهي پاڻي کي اٿلڻ کان روڪڻ لاءِ ٽريڪٽرن جي مدد سان زمينداري بند ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.