مخدوم امين فهيم جو پٽ مخدوم عقيل الزمان لاڏاڻو ڪري ويو

مٽياري (ن ع آ ) پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڳوڻي صدر مخدوم امين فهيم جو  ٽيون نمبر فرزند ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جو ننڍو ڀاءُ اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر عمر ڪوٽ مخدوم عقيل الزمان ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ ڪالهه اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، مرحوم گهڻي عرصي کان گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو،  ڪجهه ڏينهن اڳ کيس اسلام آباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو،  مخدوم مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر رهي چڪو هو،  هوڏانهن دبئي ۾ ترسيل سندس وڏو ڀاءُ سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير روينيو اينڊ رليف مخدوم محبوب الزمان سندس لاڏاڻي جي خبر کانپوءِ فوري طور اسلام آباد پهچي ويا، سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد درگاھ سرور نوح رح تي تدفين ڪئي ويندي. هوڏانهن مخدوم عقيل الزمان جي لاڏاڻي جو ٻڌي مٽياري ضلعي سوڌو سروري جماعت جي مريدن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.