بلوچستان عوامي پارٽي جو خالد بزنجو سينيٽر چونڊجي ويو

ڪوئيٽا (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ ٿي، بلوچستان عوامي پارٽي جو خالد بزنجو ڪامياب ٿي ويو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته 71ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ننڍي چونڊ ۾ 2 ووٽ رد ڪيا ويا، خالد بزنجو 38 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته جي يو آءِ جي غوث الله 21 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، بلوچستان صوبائي اسيمبلي جي 64  مان 61 ميمبرن پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪيا، جڏهن ته 2 ميمبرن جا ووٽ رد قرار ڏنا  ويا، آزاد اميدوار منير احمد بلوچ ۽ محمد علي بلوچ ڪو به ووٽ حاصل نه ڪيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.