آصف زرداري ۽ عذرا پيچوهو جي تڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال برقرار

دوڙ(رپورٽ: جي ايم بروھي) پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ صوبائي وزير صحت عزرا فصل پيجوهو جي  تڪ دوڙ تعلقي ۾ ٻن هفتن کان ٻوڏ واري صورتحال برقرار، دوڙ شهر جي روڊن، رستن، آفيسن، اسڪولن، سوين ڳوٺن سميت تعلقي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي مڪمل پاڻي هيٺ ٻڏل، 50 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڪري پيا، هزارين ماڻهو روڊن رستن تي زندگيءَ گذارڻ تي مجبور، برساتن سبب هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه، مڇرن جو آزار، بيماريون وڌي ويون. رهواسين پاران پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۽ متاثرن جي مدد ڪرڻ جي اپيل. تعلقي دوڙ گذريل ٻن هفتن کان ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، ، هر طرف پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، هزارين ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رھيا آھن، ڪيترن ئي ڳوٺن جا رهواسي گهر ڪري پوڻ ڪري ڳوٺن مان نڪري ڀرپاسي جي روڊن رستن تي زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ٿي بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن، مختلف ڳوٺاڻا اڃان تائين برسات جي گوڏي جيڏي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، جن جو ٻن هفتن کان شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، دوڙ تعلقي ۾ برساتي متاثر کي هن وقت تائين کاڌو خوراڪ پاڻي جو پاڻي به ناهي مليو، دوڙ اندر پوکيل هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن، آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته مڇرن جي آزار وڌي وڃڻ ڪري چوپائي مال ۾ بيماريون پيدا ٿي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.