سنڌ هر آئين،آرٽيڪل کان مٿانهين آهي: نواز خان زنئور

گلشن اقبال (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي پارٽي مرڪز پاران 19 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل ڪراچي ۽ سنڌو درياءُ بچايو ريلي ۾ شرڪت  لاءِ پارٽي سربراهه نواز خان زنئور، ڊاڪٽر عابد مظهر، محمد علي خشڪ ۽ ٻين  سچل ڳوٺ پهچي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حريف خان چانڊيو، جسم سربراهه خالق جوڻيجو ۽ ٻين سان ملي  دعوتون ڏنيون ان موقعي تي نواز خان زنئور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا پنج ڪروڙ ماڻهو وطن جي سوال تي متحد آهن ايم ڪيو ايم سياسي بصيرت کان خالي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري تنظيم آهي جيڪا صرف لسانيت کي هٿي ڏئي رهي آهي سنڌ هر آئين،آرٽيڪل کان مٿانهين آهي جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو نئون اسرائيل ٺاهڻ جي سازش ٿي ته پوءِ امن جي ڪا به گارنٽي نه هوندي. 19 سيپٽمبر تي وڏي انگ ۾ ڌرتي ڌڻي گڏ ٿي سنڌ دشمن فيصلن کي رد ڪندا. ان موقعي تي وهاب سومرو،عبيد ڪٽپر۽غوث ٻگهيو پڻ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.