چانڊڪا اسپتال ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو) صحت کاتي چانڊڪا ميڊيڪل  اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڪرپشن انتظامي نا اهلي ۽ ڀرتين جي معاملي جي جاچ لاءِ اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، سيڪريٽري هيلٿ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپيشل سيڪريٽري سيد نورمحمد شاهه، ايڊيشنل سيڪريٽري دادلو زهراڻي،لاڙڪاڻي جي ڊائريڪٽر، سيڪشن آفيسر امداد علي جوڻيجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي آفيسر تي ٻڌل پنج رڪني ڪميٽي جاچ ڪري پنڌرهن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي، ڪميٽي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ انتظاميا ۽ معاشي اِشو سميت ڀرتين جي معاملن جو رڪارڊ چيڪ ڪري اسپتالن جي ڪارڪردگي بابت پڻ رپورٽ پيش ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.