سنڌ جي 85 ميڊيڪل آفيسرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن

ڪراچي(رپورٽر) صحت کاتي گائني، نيوروسرجري، نيورولاجي سميت مختلف شعبن ۾ تربيت وٺندڙ 85 ميڊيڪل آفيسرن کي شهيد  بينظير آباد، ڄامشوري، خيرپور۽ سانگهڙ ضلعن ۾ مقرر ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهيد بينظير آباد جي مختلف اسپتالن ۾ ڊاڪٽر طوبا حسن، ڊاڪٽر صدام ضياءَ، صبا شريف، عاصمه اسلم، فرحانا، ماريا زاهد، عائشه سميت 26 ڊاڪٽرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، ڄامشوري ضلعي جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ ۾ ڊاڪٽر شهزاد علي، راج ڪمار، عظيم مجدد، فرحا محمود، راجيش ڪمار، مشفا رحمان، ظلِ هما ۽ ڊاڪٽر انيتا ڪماري کي مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سانگهڙ ضلعي جي شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ڊاڪٽر ريٽا، عائشه، شهلا جبين، اقرا ڪرن، ماريا ڪريم ناريجو، مدن لال، ياسر شفيق، جويريا، ترٿ داس، رميش ڪمار ۽ ڊاڪٽر علي گوهر خان کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيرپور ضلعي جي پيرڳوٺ، ٺري ميرواهه، سوڀوديرو، ڪوٽڏيجي، فيض گنج 7 راڻيپور جي اسپتالن ۾ 40 ڊاڪٽر مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، مقرر ڪيل ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر ظهير احمد، ڪاشف احمد، رميز اهمد، فياض علي، اعجاز علي، ساديا خان، فريد احمد، دوست محمد، سيما، فريدا، احمد علي ۽ نعمت الله شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.