ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ساٿين خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ساٿين خلاف سرڪاري ڪم ۾  مداخلت واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزاسميت ٻيا پيش نه ٿيا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

پي ايم اي موٽر وي تي عورت سان پيش آيل واقعي تي ڪاوڙ

اسلام آباد (م ڊ)پي ايم اي موٽر وي تي عورت سان پيش آيل واقعي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي واقعو عوام کي تحفظ فراهم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. پاڪستان جي سڀني شهرين خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هنن سي سي پي او لاهور کي فورن معطل ڪرڻ جو پڇڻ مطالبو ڪيو.

صادق آباد ويجهو ٽينڪر ۽ڪار ۾ ٽڪر، عورت سميت 4 ڄڻا فوت

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي ضلعي جي حد  صادق آباد ويجهو آئل ٽينڪر ۽ڪار وچ ۾ ٽڪر، هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ، خبر موجب گهوٽڪي ضلعي جي حد  صادق آباد ويجهو آئل ٽينڪر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر، هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت  ٿي ويا آهن، حادثي ۾ ڪار مڪمل طور تباهه ٿي وئي، فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، واقعو صادق آباد ويجهو آئل ٽينڪر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب پيش آيو، هڪ عورت سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ آسپاس جا رهواسي ۽ امدادي رضاڪار پهچي ويا، لاش کڻائي اسپتال پهچايا ويا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.