ايل ڊي اي ڪيس ۾ احد چيما بري

لاهور(بيورو+م ڊ) احتساب عدالت لاهور ڊيولپمنٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل احد چيمه سميت 10 جوابدارن کي ايل ڊي اي سٽي ڪرپشن ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه کي ايل ڊي اي سٽي ڪيس ۾ وڏو ريليف مليو ويو آهي. نيب لاهور بيورو احد چيمه ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف انڪوائري بند ڪري احتساب عدالت ۾ به ڪارروائي ختم ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي هئي.عدالت سمورن جوابدارن جي خلاف انويسٽي گيشن بند ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي هن کي ايل ڊي اي سٽي ڪرپشن ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو.

هڪ جوابدار جو ڊي اين اي ميچ ٿي ويو: شهباز گل

لاهور ( بيورو رپورٽ) ويلڊن بُزدار صاحب! لفظ نه، ڪم ڳالهائيندو آهي، وزيراعظم جَي خصوصي معاون شهباز گِل موٽر وي تي لڄالٽ جو  شڪار عورت ۽ جوابدر جا ڊي اين اَي ميچ ٿيڻ جِي تصديق ڪندي چيو آهي ته هاڻي جوابدار جلد قانون جِي پڪڙ ۾ اچي ويندو، صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته موٽر وَي تي عورت سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو ويندو ۽ ڪيس کي جلد منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.