ڪراچي ۾ اڄ وري مينهن جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) مون سون جو اڃا هڪڙو اسپيل اچڻ وارو، ڪراچي ۾ مينهن جو امڪان ڄاڻايو پيو وڃي. موسميات کاتي موجب  هوا جو گھٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات ۽ ممبئي وٽ موجود آهي، جنهن ڪري ڪراچي ۾ اڄ شام يا رات جو هلڪو وسڪارو ۽ بوندا باندي جو امڪان آهي. هوا جو هڪ ٻيو گھٽ دٻاءُ نار بنگال ۾ 19 کان 20 سيپٽمبر تي  ٺهڻ  وارو آهي.

ڪانگو ۾ سون جي کاڻ ويهي رهڻ سبب 50 مزدور دٻجي فوت

ڪانگو  ( م ڊ ) آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ سون جي کاڻ ويهي رهڻ سبب 50 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي هڪ اين جي او جي حوالي سان  ٻڌايو ته ڪانگو جي اوڀرين علائقي ڪميٽنگا ۾  تيز برساتن سبب سون جي کاڻ ويهي رهي. گهٽ ۾ گهٽ 50 مزدور فوت ٿي ويا،لاشن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.