راشن جون ڪجهه ٻوريون ڏيڻ سان برسات متاثرن جا مسئلا حل نه ٿيندا: بلاول

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) پ پ  بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشا ڏکي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي آهي قدرتي آفت  سبب سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي خاص طور ميرپورخاص ۾ برسات ۽ سم نالن ۾ گھارن سبب تمام گھڻو نقصان ٿيو آهي آبادگارن ۽ هارين جا فصل ٻڏي ويا آهن ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاهڻ سبب عوام لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيو آهي ۽ روڊن جي ڪنارن تي مشڪلاتن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي اسان کي سندن پورو احساس آهي برسات متاثرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين هر حال ۾ متاثرن جي بحالي لاءِ جاري رهندو متاثرن جي بحالي بعد اسين سک جو ساھ کڻنداسين، اڄوڪي ڏينهن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هڪ آمر جي حڪم تي اسان جي ڪارڪنن تي گوليون هلائي کين شهيد ڪيو ويو گوليون کائي شهيد ٿيندڙ ڪارڪن تاريخ ۾ امر ٿي ويا پر گوليون هلائڻ جو حڪم ڏيندڙ آمر جو اڄ ڪوبه نالو وٺڻ وارو ناهي، صدر پاڪستان ميرپورخاص پهتو آهي ۽ متاثرن ۾ امداد ورهائي آهي اُها سڀني ڏٺي آهي صدر صاحب کي متاثرن جا ڏک اهنج نظر اچڻ کپن اهڙو اظهار هن ميرپورخاص لڳ ڳوٺ سيد خادم علي شاه ۾ پيپلزپارٽي جي نوجوان ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاه جي آجياڻي کي خطاب ڪندي  ڪيو، بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي حقن لاء ڊڪٽيٽرن سان مقابلو ڪيو آھي ۽ عوام جي طاقت سان اها جاکوڙ جاري رهندي بلاول چيو ته اڄ صدر عارف علوي ميرپورخاص آيو ان کي گهرجي ته جيئن 2011 ۾ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري متاثرن جي مڪمل ساهتا ڪئي ۽ متاثرن کي وطن ڪارڊ ذريعي امداد ڏيئي سندن تڪليفون گهٽ ڪيون هيون موجوده صدر کي به وفاقي حڪومت پاران متاثرن کي وطن ڪارڊ  ڏيئي سندن اهنج گهٽ ڪري بلاول ڀٽو چيو ته صدر پاڪستان جي ميرپورخاص ۽ ٻين علائقن جي دوري دوران کيس متاثرن جي تڪليف ۽ سندن ڏکين حالتن جو اندازو ٿي ويو هوندو انهي کي نظر ۾ رکندي متاثرن جي مدد لاءِ پيڪيج ۽ صوبائي حڪومت کي فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي صرف اٽي جي هڪ ٿيلهي سان متاثرن جي مدد نه ٿي ڪري سگھجي، هن چيو ته اسان جي معيشيت جو وڏو دارومدار زراعت تي آهي  برسات متاثر علائقن ۾ زراعت مڪمل تباه ٿي آھي پي ٽي آئي  جي منشور ۾ زرعي ايمرجنسي جو واعدو شامل آهي پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي بحالي لاءِ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري کين مفت ۾ ٻج ڀاڻ ، دووائون ۽  زرعي  فراهم  ڪري اهو عوام جو حق آهي قدرتي آفتن ۾ وفاق کي متاثرن جي مدد ڪرڻ فرض آهي جيڪڏهن وفاق مدد نه ڪئي ته جيالن کي خبر آهي ته پنهنجا حق ڪيئن وٺبا آهن هن چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن لاءِ گھڻو ڪجهھ ڪرڻ چاهي ٿي پر فنڊن جي نه هجڻ جي ڪري مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهي وفاق ايف ايف سي ايوارڊ جي حصي جو وڏو انگ روڪي رکيو آهي جنهن کي پڻ جاري ڪيا وڃن ته جيئن متاثرن ۽ صوبي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري سگھيو اسان جي ڪوشش آهي ته آبادگار کي ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن ۾ سبسڊي ڏيون صوبائي سطح تي وطن ڪارڊ جاري ڪيون، بلاول ڀٽو چيو ته پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي متاثرن جي ساهتا لاءِ اڳتي اچي ڪم ڪرڻ گھرجي قدرتي آفتن ۾ جيستائين گڏجي ڪم نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين انهن آفتن کي منهن ڏيڻ مشڪل آهي هن چيو ته ميرپورخاص پيپلزپارٽي جو قلعو آهي ميرپورخاص جي عوام هميشه پيپلزپارٽي سان گڏ رهي قربانيون ڏنيون آهن ميرپورخاص جي عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا هن چيو ته آءُ ميرپورخاص ۾ تبديلي ڏسڻ چاهيان ٿو ان موقعي تي ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاه خطاب ڪندي ميرپورخاص ۾ نئين سول اسپتال جو رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ ، اين،آئي سي، وي ڊي شعبي جو قيام ۽ ميڊيڪل ڪاليج جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي پير آفتاب شاهه جيلاني ، ميرمنور علي ٽالپر ، هري رام ڪشوري لعل ، سردار محمد بخش خان مهر، سينيٽر ڪرشنا ڪماري ، صلاحڪار ويرجي ڪولهي، سيد ذوالفقارعلي شاه جو والد سيد خادم علي شاه سميت پارٽي اڳواڻ به موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.