ميرپورخاص ۾ برسات متاثرن ۾ امداد ورهائڻ دوران بدنظمي، پوليس جي لٺبازي، ڪيترائي زخمي

ميرپورخاص /سانگهڙ(رپورٽ:صالح اوٺو+هدايت الله لغاري) ميرپور خاص ۾ صدر ۽ گورنر طرفان برسات متاثرن ۾ امداد ورهائڻ واري تقريب بدنظمي جو شڪار، راشن ملڻ جو ٻڌي عورتن سوڌو هزارن جي تعداد  ۾ متاثر پهچي ويا، ٽرڪ ۾ رکيل سامان کڻڻ دوران پوليس جي لٺبازي ۽ ڀاڄ دوران ڪيترائي متاثر زخمي، صدر ۽ گورنر طرفان رڳو 400 متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو، ميرپور خاص ۾ دوري دوران صدر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽  ڪُنري، پٿورو، شجاع آباد ۽ ڪلوئي ۾ برسات توڙي گهارن جي هاڃن جو جائزو وٺڻ لاءِ فضائي دورو ڪيو، انتظاميا طرفان صدر ۽ گورنر کي برسات متاثر علائقن ۾ ٿيل نقصان بابت بريفنگ ڏني وئي،  ميرپور خاص ۾ برسات متاثر علائقن جي دوري دوران پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ چونڊيل نمائندا به صدر ۽ گورنر سان گڏ موجود، سانگهڙ ۾ متاثرن کي خطاب دوران صدر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهو کي لاوارث نه ڇڏيو ويندو، هوڏانهن  ميرپورخاص جي شادي هال قريشي بينڪوئٽ ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته برسات متاثرن جي لاءِ هي امدادي سامان موڪلڻ تي آءُ شيخ خليفه بن زيدز جو ٿورائتو آهيان جنهن هن مسڪل وقت ۾ متاثرن جي مدد لاءِ سامان عطيو ڪيو جيڪو سانگھڙ ميرپورخاص، بدين ۽ سکر جي متاثرن ۾ ورهايو پيو وڃي هن چيو ته حڪومت ۽ عوام جي خدمت محلن ۾ ويهي نه ٿي ڪري سگھجي انهي لاءِ عوام جي وچ ۾ رهڻو پوي ٿو ، ان موقعي تي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شيخ، آفتاب قريشي، راجه عبدالحق، اڪبر پلي ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته  ٻاهر ٽن ڪلاڪن کان بک ۽ اُڃ ۾ٽن ڪلاڪن کان ويهاريل متاثرن دانهون ڪيون ته خاص ماڻھن کي راشن جا ٽوڪن ڏنا پيا وڃن کين اجايو دربدر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته شادي هال ڀرسان صبح سوير ڪجھ خيما لڳائي ڪجھ مرد , عورتون ۽ ٻار ويهاري متاثر ڪئمپ ٺاهي صدر ۽ گورنر کي ان جو دورو ڪرايو ويو تقريب دوران ٽن ڪلاڪن کان انتظار ڪندڙ متاثر عورتن. مردن ۽ ٻارن راشن جي سامان تي ڪاھ ڪري راشن جي سامان جي لٽمار ڪري سامان ٻھاري ويا جنهن ڪري پروگرام سخت بدنظمي جو شڪار ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.