ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ تباهي ٿي آهي: صدرعلوي

ڄام نوازعلي(ن ع آ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي،گورنر سنڌ عمران اسماعيل ڄام نوازعلي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڄام ذوالفقار علي  جي ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي ،صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل سان ضلعي سانگهڙ جي ڊي اي ايم پي ايز جنهن ۾ وريام فقير خاصخيلي نندڪمار گوگلاڻي حاجي خدابخش راجڙ محمد بخش خاصخيلي سميت چونڊيل ۽ ٽڪيٽ هولڊرن سان بند ڪمري ۾ ملاقات ڪري جي ڊي اي ايم پي ايز سنڌ ۾ پ  پ پاران برسات متاثر علائقي کي نظرانداز ڪرڻ بابت شڪايتون ڪيون جنهن تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي گورنر سنڌ کي هدايتون ڪيون ته جي ڊي اي ايم پي ايز جا خدشا فورن ختم ڪيا وڃن.جنهن بعد جي ڊي اي اڳواڻ ڄام ذوالفقار علي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ برسات جيڪو نقصان ٿيو آهي پ پ حڪومت سياسي اشو ٺاهي پنهنجي من پسند علائقن ۾ ڪم ڪري رهي آهي سنڌ کي وفاق طرفان کربين رپيا مليا جڪي ڪرپشن ۾ هليا ويا جنهن جو ڪڙو احتساب ٿيڻ گهرجي ان موقعي صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي ڄام نوازعلي ۾ برسات متاثرين  م راشن ورهائڻ بعد برسات متاثرين کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ  لاوارث ناهي .احساس پروگرام تحت ملڪ جي هڪ ڪروڙ 70لک  ملڪ جي غريب عوام کي رقم ڏني وئي.سنڌ جي جنهن علائقي مان گيس ۽ تيل نڪري ٿو ان علائقي کي رائليٽي ملڻ گهرجي.پ پ ۽ وفاق پاڻ گڏجي پاڻ ۾ سهڪارن ڪن ته ملڪ خوشحال ٿي سگهي ٿي. عارف علوي وڌيڪ چيو برسات سبب ميڊيا صرف ڪراچي کي ظاهر ڪيو ليڪن برسات سبب پوري سنڌ ۾ تباهي ٿي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.