سانگهڙ ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون، بلاول ۽ صدر جا دورا به متاثرن جا اهنج نه گهٽائي سگهيا

جهول(رپورٽ: غلام نبي ملوڪاڻي)ضلعي سانگهڙ ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي ،بلاول ڀٽو ۽ صدر پاڪستان گورنر سنڌ جا دورا ضلعي سانگهڙ جي ٻوڏ متاثرن جا اهنج گھٽائي نه سگھيا ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا تائين گوڏي  جيڏو پاڻي بيٺل آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود ڪي به خاص امدادي ڪارروايون شروع نه ٿي سگھيون ماڻھو کليل آسمان هيٺ ويٺل تنبو ۽ ٻيو سامان به سفارش تي ورهايو ويو بلاول جي آمد وقت پنهنجي هارين کي وهاري ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون ،کپرو، ڄام نواز ۽ سنجهورو ۾ برسات هزارن ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو جنهن ۾ ڦٽيون ساريون مرچن جو ٻج ۽ يبو فصل مڪمل تباھ ٿي ويو ماڻھن جا گھر به تباھ ٿي ويا ماڻھن جي گھرن ۽ زمين ۾ پنج کان چھ فٽ تائين پاڻي بيٺل اڪثر علائقن جنهن ۾ تعلقو کپرو ھٿونگو پيرومل ڪنڊياري نئو آباد جهول جي اڪثر علائقن ۽ ديھن مان برساتي پاڻي ڪڍرائڻ ۾ انتظاميا ناڪام ٿي وئي، ڪيترائي علائقا ڀرساتي پاڻي ۾ ٻڏل 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ديھ ڌامرکي؛ 15 /14 دم پيرومل ڪنڊياري نئو آباد 18 ميل جا مختلف 300 سو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا برساتي پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو ڪيترائي ننڍڙا ٻار توڙي وڏا مليريا؛ چمڙي؛ گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين جهڙي موذي مرض ۾مبتلا پڻ بڻجي ويا ڀرساتي پاڻي جا لنگھ ٺاهي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي رهواسي مختلف ڳوٺن جي رهواسين ٻڌايو ته جهول پيرومل نئو آباد ڪنڊياري ھٿونگو ۽ ٻين علائقن ۾ 20 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڪيترين ديھن مان ڀرساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو ،متاثر پنهنجا ڳوٺ خالي ڪري روڊن بندن تي آباد ٿيڻ لڳا انتظاميا ۽چونڊيل نمائندن سندن سار نه لڌي ڦوٽو سيشن تائين محدود ان موقعي تي علي رضا ملوڪاڻي غلام نبي ملوڪاڻي علي گل ملوڪاڻي ، رياض حسين جلالاڻي،زاهد حسين جلالاڻي، عطا محمد جلالاڻي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته 20 ڏينهن گذرڻ باوجود اسان جي ڳوٺن ڏانهن ڪير به لڙي ناهي آيو اسان جا ربين رپين جا فصل تباھ ٿي ويا، هوڏانهن.ڊپٽي ڪمشنر ماڻهن جي احتجاجن کانپوءِ پنهنجي پريس رليز ۾ ٻڌايو ته کپرو ۽ سانگهڙ ۾ هڪ لک ويھ هزار ماڻهو بي گھر ٿيا آهن جن جي سهائتا لاءِ اسين قدم کڻون پيا پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ 15 هيوي مشينون ڪم ڪن پيون ، مون سنڌ حڪومت کي 20 هزار راشن بيگ مڃر دانين ۽ خيمن جي لاءِ لکيو آهي اسان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ وفاق به اڳيان اچي،برسات سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ،ٻوڏ متاثرن چيو ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري صرف سياسي دورو ڪري روانو ٿي ويو اسان کي ان ڪو ڪوبه رليف نه ملي سگهيو آهي اسان جو لکين ايڪڙن تي فصل تباھ ٿي ويو ڪروڙين رپين جو چوپايو مال مئو ۽ گھر ڊهي پٽ ٿي ويا پر ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.