سم نالن ۽ واهن جي کاٽي لاءِ رکيل 50 ارب رپيا ڪرپشن جي نذر ٿي ويا: سنڌ آبادگار تحريڪ

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ آبادگار تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ لغاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت گذريل بجيٽ ۾ 50 ارب روپيا سم نالن ۽ واهن جي مرمت لاءِ رکيا هئا، جيڪي سڀ  پئسا ڪرپشن جي ورچڙهي ويا، سم نالن ۽ واهن تي ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو، جنهن سبب برساتن ۾ زراعت کي وڏو نقصان پهتو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سم نالن کي پ پ جي وڏيرن پنهنجي گهرن ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ هٿرادو گهارا هڻي سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏي، جنهن سبب لکين ماڻهو متاثر ٿي روڊن ۽ رستن تي پنهنجا ٻار ٻچا بچائي جانورن سميت کليل آسمان هيٺ رهائش پذير آهن. هن چيو ته برسات سبب سڄي سنڌ ۾ مدائتا فصل 90 سيڪڙو ٻڏي چڪا آهن، جنهن ۾ مرچ، ڪمند، ڦٽيون، ٽماٽا، ساريون ۽ بصر جا فصل شامل آهن. هن چيو ته بدين، ميرپورخاص، ٺٽو، جوهي ۽ واهي پانڌي سميت سڄي سنڌ ۾ برساتن سبب زراعت تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. هن چيو ته  ٻڏي ويل فصلن جو معاوضو گهٽ ۾ گهٽ في ايڪڙ 80 هزار روپيا ڏنو وڃي ۽ برساتن ۾ جن غريب هارين جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، انهن کي 5 لک روپيا معاوضو ڏنو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.