ٽنڊي محمدخان ۾ کنڀيلن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

ٽنڊومحمدخان(رپورٽ: حيدر شورو) ٽنڊومحمدخان ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف سنڌ سڀا سميت  مختلف سياسي ، سماجي تنظيمن پاران احتجاج علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي  ٽنڊومحمدخان ۾ سنڌ مان کنڀيل قومي ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف سنڌ سڀا جي مرڪزي اڳواڻ  انعام سنڌي،شاهنواز سورهياڻي، ذوالفقار ڪلهوڙو، دانش ميمڻ، ايس اين پي اڳواڻ دودو هاليپوٽو، جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي، قومي اڳواڻ شاھ فهد ڀٽي، پي ٽي آئي اڳواڻ حسن پٺاڻ، اڪرم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 12 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن پاران  کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ نعري بازي ڪئي وئي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ زبردستي قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جيڪا انساني حقن جي کلم کلا لتاڙ آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.