موٽر وي واقعو اسان جي نظام تي سنجيده سوال اٿاري رهيو آهي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف لاهور موٽر وي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو اسان جي نظام تي سنجيده سوال اٿاري ٿو، محافظ ٻارن جي مٿي تي شفقت جو رٿ رکڻ بدران اعتراض واري رهيو آهي.

لاهور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جوابدارن جي گرفتاري بجاءِ چيو پيو وڃي ته قوم جي نياڻي رات جو ڇو نڪتي؟ محافظ چئي رهيو آهي ته عورت پيٽرول چيڪ ڇو نه ڪيو؟ عهدن تي ڪهڙيون مقرريون ٿي رهيون آهن، سڀني کي خبر آ.

هن چيو قوم کي ياد آهي ته زينب واقعو ٿيو ته ڪيئن ان کي سياست جي ور چاڙهيو ويو، زينب ڪيس کي ان وقت پي ٽي آءِ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، مان صبح 3 وڳي قصور ۾ ٻارڙي جي پيءُ سان مليس ۽ انصاف جي فراهمي جو واعدو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته جوابدار جي گرفتاري ۽ قانون موجب سزا ٿيڻ تائين اسان نه ستاسين، بهترين جاچ ذريعي اسان جوابدار کي انجام تائين پهچايو، 73 سالن کانپوءِ اسان ڪٿي بيٺا آهيون، سڀ ڄاڻين ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.