اتر وزيرستان ۾ ڌماڪو، پاڪ فوج جو جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ فورسز جي چيڪ پوسٽ ڀرسان بارودي سنگهه جي ڌماڪي ۾ هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ فورسز جي چيڪ پوسٽ ڀرسان بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 33 ورهين جو جوان ساجد شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو آهي ته بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ميرانشاهه بويا روڊ تي چيڪ پوسٽ ڀرسان ٿيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورسز علائقي جو گهيرو ڪري ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.