قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو.

وقار يونس انگلينڊ جي دوري کانپوءِ آسٽريليا هليو ويو هو پر ڪورونا ايس او پيز سبب کيس قرنطينه ۾ رهڻو پيو، هاڻ هو قرنطينه ۾ نڪري گهر ڀاتين سان ملڻ بنا سڊني کان لاهور لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

اڳوڻي فاسٽ بالر جي گهرواري ٻڌايو ته وقار يونس هوٽل ۾ قرنطينه مان ئي پاڪستان واپس هليو ويو، اسان جي ان سان ملاقات به نه ٿي سگهي.

هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وقار يونس جي پيءُ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.