جروار:بجلي جي تارن سان زخمي ٿيل عورت جي وارثن پاران واپڊا خلاف مظاھرو

جروار ڀرسان حيات پتافي جي ڳوٺ دري نوحاڻي ۾ بجلي جي تارن سان زخمي ٿيل عورت جي وارثن پاران واپڊا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي شمن ، گل محمد ، رمضان نوحاڻي ۽ ٻين چيو ته انهن جي ڳوٺ مٿان ھڪ لک ٻٽيھ ھزار ھاءِ پاور جون تارون ڪراس ٿي رھيون آھن جڏھن ته اھي تارون واپڊا جي لاپرواھي سبب تمام ھيٺ ٿي ويون آھن جنھن جي ڪري عورت به ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي آھي ۽ ڳوٺاڻا به خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.

هنن ٻڌايو ته زخمي عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اها  رحيميار خان اسپتال ۾ علاج هيٺ آھي ،هنن گهر ڪئي ته انهن جي واهر ڪري کين وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.