ڄام نواز علي : صدرعارف علوي ۽ گورنر جي ڄام ذوالفقار جي مانجهاندي ۾ شرڪت

صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل  ڄام نوازعلي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڄام ذوالفقار علي جي ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي  جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل سان ضلعي سانگهڙ سان واسطو رکندڙ جي ڊي اي  ايم پي ايز وريام فقير خاصخيلي ، نند ڪمار گوڪلاڻي ، حاجي خدابخش راڄڙ ، محمد بخش خاصخيلي سميت چونڊيل ۽ ٽڪيٽ هولڊرن بند ڪمري ۾ ملاقات ڪئي ، ان موقعي تي ڊي اي ايم پي ايز سنڌ ۾ پ  پ پاران برسات متاثر علائقن کي نظرانداز ڪرڻ بابت شڪايتون ڪيون ويون  ،جنهن بعد جي ڊي اي اڳواڻ ڄام ذوالفقار علي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سنڌ ۾ برسات ۾ جيڪو نقصان ٿيو آهي پ پ حڪومت سياسي اشو ٺاهي پنهنجي من پسند علائقن ۾ ڪم ڪري رهي آهي سنڌ کي وفاق طرفان کربين رپيا مليا جيڪي ڪرپشن ۾ هليا ويا جنهن جو ڪڙو احتساب ٿيڻ گهرجي

ان موقعي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڪو به لاوارث ناهي ، .احساس پروگرام تحت ملڪ جي هڪ ڪروڙ 70 لک  غريب عوام کي رقم ڏني وئي. سنڌ جي جنهن علائقي مان گيس ۽ تيل نڪري ٿو ان علائقي کي رائليٽي ملڻ گهرجي

هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ وفاق  کي هڪ ٻئي سان گڏجي سهڪار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ خوشحال ٿي سگهي ٿو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.