شهدادڪوٽ: هڪ مهينو اڳ واپاري کان ڦر ڪندڙ گروپ جو هڪ جوابدار گرفتار

شھدادڪوٽ پوليس دعوىٰ  ڪئي آهي ته ھڪ مھينو اڳ شھر جي آدماڻي ڦاٽڪ وٽان ھٿيار بندن ڦورن پاران رائيس مل جي واپاري وزير سومرو کان 15 لک روپيا ڦر ڪري کيس گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويل پنجن جوابدارن مان ھڪ جوابدار نور حسين ڪلھوڙو کي گرفتار ڪيو آهي جنهن کان 5 لک روپيا پڻ مليا آهن ، ڊي ايس پي يار محمد رند  پنهنجي آفيس ۾ شھر جي  واپارين جي موجودگي ۾ متاثر واپاري کي 5 لک روپيا ڏيندي  پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته واپاري وزير سومرو کان  ڦر ٿيل 15 لک روپيا اسان لاء چئلينج بڻيل ھئا جنهن لاء ڏينهن رات ڪوششون ڪري ڏوھارين جو پتو لڳايو جنهن ۾ ھڪ ڏوھاري نور حسين ڪلھوڙو کي گرفتار ڪيو آهي ،ڊي ايس پي وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ھڪ گھر مان 8 تولا سون چوري ڪندڙ  ھڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو آهي جنهن کان چوري ٿيل سون پڻ مليو آهي جيڪو وارثن حوالي ڪيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.