سڪرنڊ: راهو برادري جي 3 نوجوانن تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ جي ڳوٺ دلدار آباد راھو جي راھو برادري پاران سندن ٽن نوجوانن آفاق علي راھو، معشوق علي راھو ۽ انور راھو تي نوجوان  امداد لغاري کي قتل ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف نبي بخش راھو، عبدالعزيز راھو، لياقت راھو، ھارون راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سڪرنڊ سامھون احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته قتل ٿيل امداد لغاري وارن جو پنھنجي برادري جي عبدالحڪيم لغاري سان تڪرار ھلندڙ ھو پر هن بنا جواز جي انهن جي نوجوانن تي قتل جو الزام هنيو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي، هنن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کي اپيل ڪئي ته ھو شفاف جاچ ڪري کين انصاف ۽ تحفظ ڏياري .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.