پ پ چيئرمين ٻوڏ متاثرن لاءِ وطن ڪارڊ ۽ زرعي ايمرجنسي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان ٻوڏ متاثرن لاءِ وطن ڪارڊ ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ميرپورخاص ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي اسلام آباد جي حڪمرانن جو ڌيان ڇڪايو، راشن ورهائڻ سان متاثرن جا مسئلا حل نه ٿيندا، موجوده حڪومت ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ فراهم ڪري، جيئن آصف زرداري 2011 ۾ ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ ڏنو هو.

هن چيو ته قدرتي آفتن ۾ متاثرن جي مدد وفاق جو فرض آهي، جيڪڏهن وفاق مدد نه ڪئي ته جيالن کي خبر آهي پنهنجا حق ڪيئن وٺبا آهن، سنڌ حڪومت متاثرن لاءِ گھڻو ڪجھه ڪرڻ چاهي ٿي پر فنڊن جي نه هجڻ سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سندس چوڻ هو ته وفاق اين ايف سي ايوارڊ جو وڏو حصو روڪي رکيو آهي، جيڪو جاري ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن ۽ صوبي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري سگھون، اسان جي ڪوشش آهي ته آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن ۾ سبسڊي ڏيون، صوبائي سطح تي وطن ڪارڊ جاري ڪيون.

پ پ چيئرمين موجب سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪورونا ۽ ٻوڏ جهڙين آيل آفتن دوران جيڪڏهن ڪنهن به گھراڻي جو ڪمائيندڙ فرد فوت ٿي ويو آهي ته ان جي مالي ساهتا ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت جيڪو متاثرن لاءِ ڪري رهي آهي اهو گهٽ آهي پر وسيلن جي کوٽ باوجود ڪم ڪري رهيا آهيون، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.