نيب چيئرمين سميت سمورا آفيسر يرغمال آهن: راڻا ثناءُ الله

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله موٽر وي زيادتي واقعي تي وفاقي وزير مراد سعيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ن ليگ پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ الله منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سي سي پي او لاهور عمر شيخ آءِ جي خلاف ڳالهائي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪئي، سي سي پي او کي مڪاني چونڊون کٽڻ لاءِ آندو ويو آهي، تنهن ڪري سندس سڀني بيانن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، سي سي پي او جي رويي سان ڇا لاهور جا ماڻهو مطمئن آهي ۽ محفوظ رهي سگهن ٿا؟

هن چيو ته حڪومت جو امن امان يا عوام سان ڪو واسطو ناهي، رڳو نيب ذريعي اپوزيشن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، عدالتن کي انصاف کان روڪيو پيو وڃي، اسان جا ڪيس ٻڌندڙ ججن جو جيئڻ حرام ڪيو ويندو آهي، انهن جي گهر ڀاتين جي ڳجهي نگراني ڪئي ويندي آهي، اهڙو ماحول قائم ڪيو پيو وڃي ڄڻ انصاف ڪرڻ ممڪن ناهي، اها صورتحال ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن وٺي پئي وڃي، نيب چيئرمين سميت سمورا آفيسر يرغمال آهن.

راڻا ثناءُ الله وفاقي وزير مراد سعيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته 6 مهينن کان موٽر وي مڪمل فنڪشنل آهي ۽ ان تي ٽول ٽيڪس به وصول ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اتي سيڪيورٽي هجي ها ته يقيني طور واقعو پيش نه اچي ها، اتي سيڪيورٽي موجود نه هجڻ جو ذميوار مواصلات وارو وزير آهي، کيس ان معاملي تي بنا دير استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي پر عمران خان استعيفيٰ منظور نه ڪندو، ڇو ته هو هڪ استعيفيٰ اڳ به نامنظور ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.