موٽورولا ”جي 9 پلس“ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

موٽورولا جي سيريز جو نئون ماڊل موٽو جي 9 پلس متعارف ڪرائي ڇڏيو.

موٽو جي 9 پلس ۾ سنيپ ڊراگون 730 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي.

موٽورولا  9 پلس ۾ 6.8 ان فل ايڇ ڊي پلس ميڪس ڊسپلي ايڇ ڊي آر سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي،

اهڙي طرح 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي  جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان 512 جي بي تائين واڌ ڪري سگھجي ٿي.

اها فون اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم سان ليس آهي جنهن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنڇ هول ڊزائين ۾ ڏني وئي آهي.

فون بيڪ جو بيڪ ڪجهه انوکو آهي جنهن ۾ شين جو عڪس ڏسي سگھجي ٿو جڏهن ته 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 30 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ھي به پڙهي سگھو ٿا:موٽورولا جو نئون 5 جي فولڊ ايبل فون متعارف

فنگر پرنٽ اسڪينر سائيڊ تي آهي جڏهن ته ٻين فيچرز ۾ هيڊ فون جيڪ ۽ بلوٽوٿ  5.0 ذڪر جوڳو آهي.

فون جي پٺيان 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ پرائمري ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ سينسر، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا موجود آهي.

 

اها فون في الحال برازيل ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ ان جي دستيابي بابت ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو.

ھي به پڙهي سگھو ٿا: سام سنگ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور بيٽري وارو فون متعارف

برازيل ۾ اها 470 ڊالرن ( 78 هزار پاڪستانين رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.