نوابشاهه: موهڻي بازار واسڻ بيواهه جون ڏير ۽ سندس ساٿين جي ظلم خلاف دانهون

نوابشاهه جي  اي سيڪشن ٿاڻي جي حد موهڻي بازار جي رهواسڻ بيواهه عورت مسمات عرفانه ٻگھيو پنهنجي ٻن معصوم نياڻين مقدس ۽ اقراء ٻگھيو سان گڏ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندس مڙس معشوق ٻگهيو 2011 ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ سندس ڏيرن ان جي جاءِ تي قبضو ڪيو آهي ، حق گهرڻ تي سندس پٽ کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو آهي، سندس ڏير منظور ٻگهيو ۽ ان جي ساٿين شروع کان سندس مڙس جي ملڪيت تي قبضو ڪيو آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ هنن گهر ۾ داخل ٿي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن تي هن جي نياڻين ۽ پٽ مدثر تي تشدد ڪيو جيڪو زخمي ٿي پيو ۽ هن وقت اسپتال ۾ داخل آهي ۽ نوابشاهه پوليس سندس ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هوءَ  بيواهه عورٿ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي

هن چيف جسٽس آف سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس ڏيرن خلاف ڪاروائي ڪري هن سان  انصاف ڪري کيس تحفظ ڏنو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.