مرتضيٰ وهاب تعليمي ادارا کولڻ جي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب تعليمي ادارا کولڻ جي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اسڪول، خاص طور پرائمري سيڪشن کولڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪن.

هن چيو ته صورتحال اڃا غير يقيني واري آهي، ٻار ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪري سگهندا.

واضح رهي ته سنڌ جي تعليم کاتي تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر تائين مرحلي وار کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.