پاڪستان چين جي ڪورونا ويڪسين ٽرائل ۾ شامل هوندو: اسد عمر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان چين ۾ تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي ٽرائل ۾ شامل هوندو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اسد عمر ٻڌايو ته چين ۾ تيار ٿيندڙ ڪورونا ويڪسين جي ٽئين مرحلي ۾ شامل هونداسين، پاڪستان ۾ ڪورونا جي علاج جي ويڪسين جي ٽرائل جو ٽيون مرحلو 10 ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندو.

واضح رهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي اڳ ئي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي ڪلينيڪل ٽرائل جي منظوري ڏئي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.