ڏهرڪي :اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف تاجر برادري پاران جدوجهد جو فيصلو

ڏهرڪي ۾ سيپڪو پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف تاجر برادري پاران جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، 14 سيپٽمبر تي تاجر برادري جو وفد سيپڪو چيف سکر سان ملاقات ڪندو ، عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائندي انجمن تاجران جي صدر سيٺ شنڪر لال رمضان پيرزادو روچل داس مکي راجڪمار ۽ ٻين چيو ته ڏيڍ سال اڳ ڏهرڪي ۾ سيپڪو سيڪيورنگ ڪري سٽي فيڊر کي ايڪسپريس ڪيو هو ۽ ايس ڊي او اهو اعلان ڪيو هو ته ڪنهن آفت ، مصيبت ۽ فالٽ کان سواء بجلي بند نه ٿيندي ۽ اتي بند ٿيندي جنهن ٽراسفارمر تي ڪم ٿيندو،

هنن چيو ته ايس ڊي او عبدالله کوسو بجلي چوري ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آھي جنهن تي هو اسان تاجر برادري دوڪاندارن کي تنگ ڪري ٿو ۔هنن سيپڪو چيف ۽ ايڪسين سيپڪو کي اپيل ڪئي ته هٿرادو لوڊشيڊنگ بند ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.