گڊو ۽ سکر بيراجن وٽ پاڻي وھڪرن ۾ لاٿ ،ڪوٽڙِي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار

گڊو ۽ سکر بيراجن وٽ پاڻي وھڪرن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي،  24 ڪلاڪن دوران گڊو بيراج تي پاڻيء جي وھڪرن ۾ 91568 ڪيوسڪ لاٿ آئي آهي ، سکر بيراج تي 11610 ڪيوسڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي ، ڪوٽڙي بئراج وٽ 16051 ڪيوسڪ واڌ ريڪارڊ ڪئي وئي ، سکر ۽ گڊو بيراجن تي  وچولي درجي جي ٻوڏ جڏهن ته  ڪوٽڙي بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي  ، پاڻي وھڪرن ۾ مسلسل لاٿ بعد انگ اکرن مطابق  گڊو بيراج وٽ پاڻي جا  مٿانهون وھڪرا 3 لک 83ھزار 655 ڪيوسڪ،   ھيٺاھون وھڪرو 3 لک 51 ھزار  255 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو ، سکر بيراج جو مٿانهون وھڪرو 4  لک83 ھزار  400ڪيوسڪ ۽  ھيٺاھون وھڪرو 4 لک40 ھزار440ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو  جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جو مٿانهون وھڪرو 2 لک 29ھزار 229 ۽  ھيٺانھو وھڪرو 2 لک 19ھزار824ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.