سام سنگ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور بيٽري وارو فون متعارف

سام سنگ پنهنجو سڀ کان طاقتور بيٽري وارو فون گيليڪسي ايم 15 متعارف ڪرائي ڇڏيو.

حقيقت ۾ گيليڪسي ايم سيريز جا فونز طاقتور بيٽري سبب ئي سڃاتا ويندا آهن پر ايم 51 ته هن وقت موجود ٻين سڀني مشهور ڪمپنين کان به وڌيڪ طاقتور بيٽري سان ليس آهي.

فيچرز جي لحاظ کان ان کي مڊرينج فون قرار ڏئي سگھجي ٿو، پر ڪمپني ان کي مونسٽر فون قرار ڏنو آهي.

ان فون ۾ 6.7 انچ جي سپر اموليڊ پلس ڊسپلي فل ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سپورٽ سان گڏ  ڏني وئي آهي جنهن ۾ 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ موجود آهي.

سام سنگ گيليڪسي ايم 15 فون جي اندر سنيپ ڊراگون 730 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 ججي بي اسٽوريج آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:موٽورولا جو نئون 5 جي فولڊ ايبل فون متعارف

فنگر پرنٽ ريڊر سڃي پاسي آهي جڏهن ته هيڊ فون جيڪ کي به برقرار رکيو ويو آهي ۽ ها مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سلاٽ به ڏنو ويو آهي جنهن سان اسٽوريج کي 512 جي بي تائين وڌائي سگھجي ٿو.

پر فون جي خاص ڳالهه 7000 ايم ايڇ جي طاقتور بيٽري ئي آهي جنهن سان گڏ 25 واٽ جو فاسٽ چارجر ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ريورس وائرڊ چارجنگ جو فيچر به موجود اٿس.

ان فون کي ٻين ڊوائيسز کي چارج ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو بس ان ۾ يو ايس بي ٽائيپ سي پورٽ هئڻ گھرجي.

ڪمپني جي ته دعويٰ آهي ته 0 کان 100 سيڪڙو بيٽري 115 منٽن ۾ چارج ڪري سگھجي ٿي.

ڪمپني موجب ان بيٽري سان لاڳيتو 64 ڪلاڪ ڳالهائي سگھجي ٿو، 24 ڪلاڪ انٽرنيٽ استعمال ڪري سگھجي ٿي، 34 ڪلاڪ وڊيو هلائي سگھجي ٿي جڏهن ته 182 ڪلاڪن تائين ميوزڪ ٻڌي سگھجي ٿي.

ان کان سواءِ بيڪ تي 4 ڪيمرائن جي سيٽ اپ ڏنو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:اوپو  رينو 4 سيريز جا ٻه نوان فون متعارف

64 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 12 پڪسل الٽراوائيڊ، 5 ميگا پڪسل ميڪرو (ايڪسٽريم ڪلوز اپ لاءِ) ۽ 5 ميگا پيڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ڊوائيس جو حصو آهي.

Samsung Galaxy M51

ان فون کي سڀ کان اڳ ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو جنهن جي 6 بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري مادل جي قيمت 340 ڊالر (56 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 370 ڊالر ( 61 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.