ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ”فيسبڪ ڪئمپس“ جي شروعات

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) فيسبڪ ڪورونا وبا دوران تعليمي ادارن جي بندش کان پوءِ هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردن وچ ۾ رابطي لاءِ هڪ نئون پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن کي ”فيسبڪ ڪئمپس“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

ماضي ۾ اهڙي ئي هڪ ايپ فيس ميشن جي نالي سان مارڪ زڪربرگ ان وقت ٺاهي هئي جڏهن هو هارورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو. ان وقت فيس ميشن هارورڊ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ ڊائريڪٽري جهڙي ويب سائيٽ هئي. ان کان پوءِ ان خيال مان فيس بڪ جنم ورتو جيڪو زمين تي سوشل ميڊيا جو سڀ کان وڏو پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي.

هاڻ ٻِيهر مارڪ زڪربرگ جيڪو فيسبڪ جو مالڪ آهي ان کي ڪاليج جو خيال آيو آهي جنهن تحت فيسبڪ جي هڪ مخصوص جاءِ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏني ويندي. ان جي وضاحت ڪندي فيس انتظاميا چيو آهي ته ڪمپس جزوي يا مڪمل طور تي بند آهن ۽ شاگرد آن لائين پڙهائي ڪري رهيا آهن. ان کي نظر ۾ رکندي هر ڪو ڪاليج سان جڙيل رهڻ چاهي ٿو. ان ڪري اهو هڪ ڪاليج نيٽ ورڪ هوندو. ان پليٽ فارم سبب ڪاليج کان پري رهي به ڪاليج سان سلهاڙيل رهي سگھجي ٿو.

ان کي اهو سمجهو ته فيسبڪ ورڪ پيلس جيان ئي پورٽل آهي جيڪو رڳو ڪاليجن لاءِ مخصوص هوندو. ان کي ڪاليج جي اي ميل ايڊريس تصديق ڪرڻ کان پوءِ کولي سگھبو. شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسٽڊي گروپ ٺاهي سگھندا ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکي سگهندا.

هر ڪئمپس پروفائيل ۾ اوهان جو نالو، ڪور فوٽو، فيسبڪ پروفائيل جي تصوير هوندي.

گڏ ئي ڊگري جو سال ۽ ٻيا تفصيل به شامل ڪري سگھبا ۽ جڏهن اوهان چاهيو ته پنهنجو پروفائيل ختم ڪري سگھو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.