نواز شريف پاڻ کي سرينڊر ڪري ووٽ کي عزت ڏئي: شيخ رشيد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ کنڊ ۽ اٽي جو اگهه گهٽجي ويندو.

ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ۾ کنڊ ۽ اٽي جا جهاز اچي چڪا آهن، جلد عوام کي سبسڊي ڏني ويندي، کنڊ ۽ اٽي بحران جي ذميواري قبول ڪيون ٿا پر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اگهه گهٽجي ويندا.

هن چيو ته هن سال جي آخر تائين ن ۽ ش ليگ الڳ ٿي وينديون، ن ليگ پٿر هڻڻ واري ۽ ش ليگ سنگ تراش جماعت هوندي، نٿو سمجهان ته سال جي آخر تائين ٻئي گروپ گڏ رهندا.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ووٽ کي عزت ڇو نه پيو ڏئي، پاڻ کي سرينڊر ڪري، نواز شريف جي علالت تي عدالتون چئي رهيون هيون اهو اسپتال ئي داخل ناهي ٿيو، پيناڊول هتان به ملندي آهي، عدالتن کي گهربل سمورا ماڻهو لنڊن کي پناهه گاهه ٺاهي ويٺل آهن، شهباز شريف واپس اچڻ تي پڇتائي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.