ڪراچي: هجرت ڪالوني ۾ عمارت کي باهه، ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي هجرت ڪالوني ۾ هڪ 3 ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا.

شهر جي علائقي هجرت ڪالوني جي عمارت ۾ باهه جو اطلاع ملندي ئي فائر بريگيڊ جون گاڏيون واقعي واري هنڌ ڏانهن روانيون ٿي ويون.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو سروسز ايڌي ۽ چيپا جي ايمولينسز ۽ رضاڪار، پوليس ۽ ٻيا ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويو پر تنگ گهٽين جي ڪري ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

فائر بريگيڊ جي 3 گاڏين جي مدد سان باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ 2 ڪلاڪ طويل آپريشن کان پوءِ فائر فائٽرز باهه ۾ وسائڻ ۾ ڪامياب رهيا.

پر باهه جي شدت جي ڪري ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ويا جڏهن ته ريسڪيو اختيارين جو چوڻ هو ته هڪ شخص سر بچائڻ لاءِ عمارت جي پهرين ماڙ تان ٽپو ڏنو.

ان حوالي سان سول لائن پوليس جو چوڻ هو ته باهه جو واقعو هجرت ڪالوني جي گهٽي نمبر 4 ۾ موجد هڪ عمارت ۾ پيش آيو.

هن ٻڌايو ته باهه جي نتيجي ۾ 2 سالن جو آيت ولد توقير، 45 سالن جي عشرت خاتون، 30 سالن جي وسيله جڏهن ته 20 سالن جو شهريار فوت ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته واقعي ۾ 8 ڄڻا زخمي به ٿيا جن جي سڃاڻپ طالب، شهزاد، سنبل، توقير، اويس، ارشاد، عبدالقطب ۽ هورنما جي نالن سان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.