شهباز خاندان خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ سلطاني شاهد سامهون اچي ويا

لاهور(ويب ڊيسڪ) شهباز شريف خاندان جي خلاف قومي احتساب بيورو طرفان داخل ڪيل مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ واعدي معاف شاهد سامهون اچي ويو.

تفصيل موجب شهباز شريف خاندان جي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بڻجندڙ شاهدن جي فهرست حاصل ڪري ورتي آهي. نيب شهباز شريف خاندان تي ڏوهه ثابت ڪرڻ جي لاءِ شاهدن جي طويل فهرست تيار ڪئي آهي. دستاويزن جي موجب مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف خاندان جي خلاف ڪل 110 شاهد نيب جي موقف جي تائيد ڪبي.

موجود دستاويزن موجب نيب جي شاهدن ۾، مختلف بينڪن جا نمائندا، ايف بي آر، پٽواري ۽ ٻين سرڪاري کاتن جا آفيسر شامل آهن. نيب جي شاهدن ۾ نيب جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، انويسٽي گيشن آفيسر به شامل هوندا.

شهباز شريف خاندان جي خلاف چار سلطاني شاهد به نيب جي موقف جي تائيد ڪندا. واعدي معاف شاهدن ۾ مشتاق چيني، ياسر مشتاق، شعيب قمر ۽ محبوب علي شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.