شاهد خاقان عباسي جي پٽ کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي پٽ کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.

ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي جو پٽ عبدالله خاقان عباسي اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي روانو ٿي رهيو هو ته ايف آءِ اي ايميگريشن کيس آف لوڊ ڪري ڇڏيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالله خاقان عباسي اي ڪي 613 اڏام ذريعي دبئي وڃي رهيو هو ۽ سندس نالو نيب جي اسٽاپ لسٽ ۾ هجڻ سبب آف لوڊ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.