ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال مريضن جو انگ 6 هزار 46 وڃي بچيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ رڳو 6 هزار 46 وڃي بچيو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 584 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وبا جا 584 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 3 لک 955 تائين وڃي پهتو. فعال ڪيسن جو انگ 6 هزار 46 آهي ۽ صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 2 لک 88 هزار 536 آهي.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 3 فوتگيون ٿيون جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي انگ 6 هزار 373 ٿي ويو.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 28 هزار 724 ٽيسٽون ڪيون ويون، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 29 لک 8 هزار 379 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.