ڪراچي ۾ 10 ورهين جي ٻار جي بدفعلي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ ٻار جنسي زيادتي جو نشانو بڻجي ويو.

پوليس موجب اپر گزري جي علائقي ۾ موبائل جي دڪاندار 10 ورهين جي ٻار سان بدفعلي ڪئي ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ به ٻار سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو، ٻار جنهن عمارت ۾ رهندڙ آهي، ان جو مٿيون حصو خالي آهي، ٻار گهر ۾ اڪيلو هو، سندس والدين مزدوري ڪندا آهن، جوابدار ٻار کي موبائل فون ڏيڻ بهاني عمارت ۾ وٺي ويو ۽ ان سان بدفعلي ڪئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته زيادتي ۾ ملوث جوابدار فرار آهي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس ٻار جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.