786 لکڻ تي نوجوان جو هٿ وڍيو ويو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندي ايتري ته وڌي وئي آهي جو هڪ مسلمان نوجوان جو رڳو ان ڳالهه تي هٿ وڍيو ويو، ڇو ته سندس هٿ تي 786 لکيل هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب هريانا جي علائقي پاڻي پت ۾ اتر پرديش جي علائقي سهارنپور کان ڪم جي ڳولا لاءِ ويل اخلاق نالي نوجوان جي گهر ڀاتين دانهيو ته نوجوان جو هٿ رڳو ان ڳالهه تي وڍيو ويو، ڇو ته ان جي هٿ تي 786 لکيل هو.

23 آگسٽ تي واٽهڙن پوليس کي اطلاع ڏنو ته هڪ نوجوان ريلوي ٽريڪ تي رتورت پيل آهي ۽ ان جو هٿ وڍيل آهي.

پوليس پهچي نوجوان کي اسپتال داخل ڪرايو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ حالت سڌرڻ جي نوجوان پوليس کي ٻڌايو ته هو ڪم لاءِ پاڻي پت ويو هو ۽ رات جي وقت پيئڻ لاءِ پاڻي گهريو ته سندس هٿ وڍيو ويو.

اخلاق جي ڀاءُ اڪرم موجب سندس ڀاءُ ڪم جي ڳولا ۾ پاڻي پت ويو هو، وٽس رهڻ لاءِ جاءِ نه هئي، هن ڪشن پورا جي پارڪ ۾ رات گذاري، رات دير سان کيس اڃ لڳي ته هن اتي موجود هڪ گهر مان پاڻي گهريو، ان دوران ماڻهن سندس هٿ تي 786 لکيل ڏٺو ۽ حملو ڪري ڏنو، ڀاءُ جو هٿ مشين سان وڍيو ويو ۽ پوءِ کيس ريلوي لائن ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو.

هوڏانهن اخلاق کي مارڪٽ ڪندڙن الزام هنيو آهي ته اخلاق انهن جي ٻار سان جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.