اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه سميت 10 جوابدار ڪرپشن ڪيس مان آزاد

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت لاهور ڊيولپمنٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل احد چيمه سميت 10 جوابدارن کي ايل ڊي اي سٽي ڪرپشن ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه کي ايل ڊي اي سٽي ڪيس ۾ وڏو ريليف مليو ويو آهي. نيب لاهور بيورو احد چيمه ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف انڪوائري بند ڪري احتساب عدالت ۾ به ڪارروائي ختم ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي هئي.

عدالت سمورن جوابدارن جي خلاف انويسٽي گيشن بند ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي هن کي ايل ڊي اي سٽي ڪرپشن ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو. جوابدارن تي ايل ڊي اي سٽي ۾ ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن جو الزام هو.

احد چيمه کي 21 فيبروري 2018ع تي غير قانوني طور تي پلاٽ الاٽ ڪرڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي نيب لاهور گرفتار ڪيو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ احد چيمه جي ايل ڊي اي سٽي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي پر هو آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.