ڪنڌڪوٽ: جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 2 ڄڻا قتل، 3 عورتون زخمي

ڪنڌڪوٽ ويجھو جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري 2 ڄڻا قتل جڏهن ته ٽي عورتون زخمي ٿي پيون

دراني مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو جنهن ۾ ٻنھي ڌرين  ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن سبب گوليون لڳڻ ڪري سرفراز جاگيراڻي ۽ نور دين جاگيراڻي ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته گوليون لڳڻ ڪري ٽي عورتون زخمي ٿي پيون، جڏهن ته فوتين جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن ۽ پوليس واقعي واري هنڌ ناهي پهتي جنهن ڪري وڌيڪ خون ريزي جو خدشو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻه سال اڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪتن  جي شڪار تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا ست   ماڻهو مارجي چڪا آهن ……

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.