ملير ۾اسٽيل مل جي اڳوڻي ميڊيڪل آفيسر جي گهر ۾ ڌاڙو

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو)  متحده قومي موومنٽ جي اڳوڻي ايم اين اي نثار پنهور جي ڀاءُ ڊاڪٽر نذير پنهور جي گلشن حديد واري  رهائش گاهه C-88 ايڪسٽينشن گلشن حديد فيز 2 ۾ جمعه نماز بعد ڏينهن ڏٺي جو ٻه هٿياربند گهر ۾ داخل ٿيا جتي ڊاڪٽر نذير پنهور جي گهرواري ڊاڪٽر مصور نذير ۽ سندس ٻارن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو جنهن بعد هٿياربندن روڪ رقم، زيور ۽ گهر جو ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، هٿياربندن جي ڪاروائي بعد گهر ڌڻين جيئن ئي اسٽيل ٽائون پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن تي پوليس رواجي طور تي جاچ پڙتال ۽ متاثر خاندان کان آڏي پڇا ڪرڻ بعد رواني ٿي وئي، آخري اطلاعن تائين اسٽيل ٽائون پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو، گلشن حديد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل هڪ هفتي اندر ڦر، چورين ۽ اسٽريٽ ڪرائيم، موٽرسائيڪلن جي چوري جون ٻه درجن کان وڌيڪ ڪاروائيون ٿي چڪيون آهن پوليس ۽ انتظاميا رهواسين کي نه ته ڦر، چورين جي ڪنهن نقصان جي ڪا ريڪوري ڪرائي آهي نه ئي وري ڏوهارين خلاف تحرڪ ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.