جيڪب آباد اسپتال ۾ ناري فوت، ايمبولنس نه ملي، وارث لاش رڪشا ۾ کڻائي ويا

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد جي سول اسپتال ۾ سڌارو نه اچي سگهيو، ڪٽا شاخ جيڪب آباد جي سول اسپتال ۾ سڌارو نه اچي سگهيو، ڪٽا شاخ واسڻ 17 ورهين جي ڇوڪري ڪريما بروهي جو لاش وارث  ايمبيولنس نه ملڻ سبب رڪشه ۾ کڻائي ويا، فوتي ناري جي وارثن موجب ته ڪريما جي حالت خراب ٿي وئي جنهن کي سول اسپتال آندو سين جتي هن جو علاج جاري هو پر هو فوت ٿي وئي اسين سول اسپتال اسپتال انتظاميه کان ايمبيولنس جي گهر ڪئي سين پر ٽن ڪلاڪن جي آسرن بعد ايمبولنس ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ خانگي ايمبولنس ۾ لاش کڻائي وڃڻ جو چيو اسين سول سرجن سميت ٻين ڊاڪٽرن کي ايلاز ڪري اهو به ظاهر ڪيوسين ته اسين انتهائي غريب آهيون اسان وٽ خانگي ايمبولنس جي ڪرائي جا ٻه پيسا ناهن پر اسان جي هڪ به دانهن ٻڌي پيسا نه هجڻ ڪري اسين مجبورن چنگچي رڪشا تي لاش ڳوٺ کڻائي وڃي رهيا آهيون. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي سول سرجن ڊاڪٽر عبدالمالڪ کرل واقعي بي خبر هجڻ ظاهري ڪندي چيو ته  اسان وٽ هر وقت ايمبيولنس موجود هوندي آهي فوتي ناري جي وارثن  اسپتال انتظاميا کان ايمبيولنس طلب نه ڪئي آهي ، تنهن باوجود به آءُ ان مامري جي جاچ ڪرائيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.