جيڪب آباد جي پنهور خاندان ۾ هلندڙ تڪرار ختم نه ٿيو

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد جي پنهور سردار خاندان وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته  پنهور برادري جي ماڻهن خانداني چڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ان سلسلي ۾ مير اصغر علي خان پنهور جي پٽ مير شجاع الله خان پنهور چيو ته سردار منظور علي خان پنهور جي غلط فيصلي جي ڪري پنهور برادري ۾ غم غصي جي لهر ڇانيل آهي جهڙو سردار منظور علي خان پنهور سردار آدم خان پنهور جو پوٽو آهي اهڙي طرح منهنجو والد مير اصغر علي خان پنهور به سردار آدم خان پنهور جو پوٽو آهي جنهن کي سرداري جو حق حاصل آهي جنهن کان هاڻي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي هن چيو ته سردار منظور علي خان پنهور جي ٻن وڏن پٽن سردارزاده تيمور خان پنهور ۽ سردارزاده چنگيز خان پنهور منهنجا وڏا ڀائر آهن سندن لاءِ احترام آهي جن سرڪي کي رستي ڏيڻ واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ ان سان گڏ سردار خير محمدخان پنهور ۽ سردار غلام محمد پنهور جي ڪٽب اسان جي خاندان به نڪاح ۾ شرڪت نه ڪئي اسان سلام پيش ڪيون ٿا باقي سردار منظور علي خان پنهور جي ٻن ننڍن پٽن اڳوڻي ايم پي اي مير زيب خان پنهور ۽ مير سليمان خان پنهور پنهنجي والد سردار منظور علي خان پنهور جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي پٽ کي سنڱ ڏيڻ جي حمايت ڪئي ان ڪري هاڻ انهن ٻنهي ننڍن ڀائرن سان اسان جو ڪنهن به قسم جو تعلق نه آهي باقي خاندان جي انهن ماڻهن جا ٿورائتا آهيون جن غلط کي غلط ڪرار ڏنو هن چيو ته 22سال اڳ سرڪي پنهورن جي خوني تڪرار ۾ جيڪي پنهور شهيد ڪيا ويا انهي جي پوئنرن سان همدردي آهي ڇو ته اڄ هي حالتون ڏسي انهن جون اکيون رت جا ڳوڙها روئينديون هونديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.