سنڌ فرينڊز فورم طرفان برسات متاثرن ۾امدادي سامان ورهايو ويو

ڪراچي (پ ر ) سنڌ فرينڊز فورم پاران سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي ڪري متاثر ماڻهن جي واهر ڪرڻ جي لاءِ اعلانيل امدادي مهم جي سلسلي  ۾ شروعاتي طور 50 هزار رپين جو مڇرداني. ورتيون ويو جيڪي مختلف علائقن ۾ ورهايون ويون، ان امدادي مهم جي سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ امدادي سامان جنهن ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان، بسڪيٽ، صاف پاڻي شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ضرورتمندن ۾ ورهايا ويا، فورم جي آرگنائيزر  ڊاڪٽر عبدالله ڪلهوڙو ،عبدالرحمان آريسر ۽ ڪامريڊ راجا رياض جلباڻي پاران ميرپورخاص ۾ سامان ورهايو ويو، ميرپورخاص ۾ مفت موبائيل ميڊيڪل ڪئمپ ڊاڪٽر خامد لاکير جي ڪوششن سان محمد ميڊيڪل ڪاليج ۽ پاڪستان فارمسسٽ ايسوسيشن جي سهڪار سان هنئي وئي،  ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر اميتاب، ڊاڪٽر رميش ،ڊاڪٽر بختاور مهر، ڊاڪٽر رابيل مهر، ڊاڪٽر ساگر ۽ ٻئي ميڊيڪل اسٽاف، ٻه ايمبولنس ساڻ نئون دمبالو، ڊگهڙي جي آس پاس جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ۽ مفت دوائون ڏنيون. سنڌ فرينڊز فورم پاران امدادي مهم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڍورونارو ۾ مڇر دانيون جي لاءِ اتان جي مقامي سماجي سرگرم ساٿين کي مالي مدد پڻ ڪئي، جلد ئي بدين ۾ به امدادي سامان ورهائن جو تياريون ڪيون پيون وڃن. سنڌ فرينڊز فورم پاران پاران عمرڪوٽ روحل واء ۾ لڳل امدادي ڪئمپ ۾ مالي مدد ڪري حصو ڳنڍيو ۽ گولاڙچي ۾ هڪ مزدور جي گهر ڊهي وڃڻ تي ان کي گهر ٺاهڻ لاء مالي مدد پڻ ڪئي،  سنڌ فرينڊز فورم جي ڪنوينر بشير آريسر ۽ فورم جي سينٽرل ڪميٽي جي آرگنائيزرن سهيل ابڙو، پدم وير ،فهد ابڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ فرينڊز فورم گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ سنڌين جو منظم ۽ متحرڪ پليٽ فارم آهي جنهن تان اسان مسلسل سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون ڪري پنهنجي قوم ۽ وطن جي جي خدمت ڪندا رهندا آهيون، هن وقت به ٻوڏ متاثر ضلعن ٽنڊومحمد خان، بدين، ميرپورخاص ،عمرڪوٽ ۾ امدادي مهم جون سرگرميون شروع ڪري چڪا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.