وارهه ۾ لائبريري جو ڪم رولڙي جو شڪار، احتجاج

وارھ (ن ع آ) وارهه ۾ لائبريري جو ڪم  رولڙي جو شڪار،  نئين جڙندڙ سرڪاري لائبريري جو  ڪم  مڪمل نه ٿيڻ خلاف  شاگرد  فورم ۽  سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه پاران  ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سخت نعري بازي، ان  موقعي تي  مهراڻ چولياڻي، عرفان منان، حنيف سوڍر، حميد باغي، ڪامريڊ منان، غلام مصطفيٰ چانڊيو، سجاد گل، عاشق چانڊيو، علي ابڙو، نويد چانڊيو، عاقب ميرجت، امير علي چانڊيو، شيراز پريم، مجيب چانڊيو،نديم چانڊيو، نثار چانڊيو وقار چولياڻي، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سرڪاري لائبريري هڪ اهم گڏيل مامرو آهي، ان جي ڪم ۾ ڪافي وقت کان وٺي سستي ڪئي پئي وڃي، ناقص مٽيرل جي استعمال سبب لائبريري ٺهڻ کان اڳ ئي ڊهڻ جي طرف وڃي رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته   جلد کان جلد ڪم پورو ڪري فرنيچر ۽ ڪتابن جي سهولت مهيا ڪري علمي اداري کي چڱي طرح هلايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.