حيدرآباد مان اڻڄاتل لاش هٿ، اسپتال منتقل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ٽانگا اسٽينڊ ڀرسان ھڪ لاش ھٿ آيو آھي. جنھن جي ڪا به سڃاڻپ نه  ٿي سگھي آھي. پوليس ايڌي جي رضاڪارن وسيلي لاش اسپتال پھچايو. جتي لاش کي مرده خاني ۾ رکرايو ويو آھي.

کپري ويجهو ڪار سوارن کان ڦرلٽ، پوليس نه پهتي

کپرو(رپورٽر) کپرو ميرپورخاص روڊ تي سبزل اسٽاپ وٽ اڻڄاتل فورن علي حسن ڪنڀر جي ڪار کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش جٽ برادري جي عورتن کان روڪ رقم , موبائل فون ۽ ٻيو سامان فر پوليس جاء واردات وٽ نه پهتي برسات کانپوء هڪ دفعو وري بدامني وڌڻ لڳي ايس ايس پي ميرپورخاص نوٽيس وٺي.

ٽنڊي آدم ۾مڙس جو زال تي وحشياڻو تشدد، احتجاج

ٽنڊآدم ( ت ر ) ٽنڊوادم ۾ مڙس جو زال تي بي رحماڻو تشدد سخت زخمي اين سي داخل جوابدار فرار احتجاج رپورٽ موجب ٽنڊوآدم  جي نيو سٽي واري علائقي ۾ مڙس ارشد چشتي پنهنجي زال حنا کي گهر اندر لٺين ، لتن ،  مڪن سان سخت تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو زخمي عورت کي مائٽن ٿاڻي تي آندو جتان کيس اسپتال موڪليو ويو زخمي عورت حنا پنهنجي ماءُ سڪينه چشتي سان گڏجي پريس ڪلب پهچي مڙس خلاف دانهيندي چيو ته مڙس نشو ڪندو آهي ۽ شادي جي شروع کان ئي تشدد ڪندو رهي ٿو ۽ پئسه نه ڏيڻ تان ڪالهه به سخت تشدد ڪيو هن چيو ته بي سيڪشن پوليس وٽ دانهيو پر جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو هن اعلى اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.